تازه ترين

افغان مداخلت جي جواب ۾ پاڪ فوج طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي کانپوءِ طالبان جي درخواست تي جنگبندي ڪئي: خواجا آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغان مداخلت جي جواب ۾ پاڪ فوج طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي کانپوءِ طالبان جي درخواست تي جنگبندي ڪئي. خواجه آصف طرفان پاڪ-افغان جنگبندي بابت پيغام جاري ڪندي چيو ته ته  اهو واضح طور تي بيان ڪيو ويو هو ته ڪابه مداخلت نه ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ٽي ٽي پي کي افغانستان جي سرزمين تي ڪابه سهولت فراهم نه ڪئي ويندي، اسان بار بار اها ڳالهه دهرائيندا رهياسين ۽ افغانستان ان ڳالهه کان انڪار ڪري ٿو. بچاءَ واري وزير خواجه آصف جو چوڻ هو ته ترڪيه ۽ قطر زور ڏنو ته بنيادي تڪرار اهو آهي ته افغانستان جي سرزمين يا سرپرستي ٽي ٽي پي کي پاڪستان ۾ ڪارروائي لاءِ دستياب آهي. سندس چوڻ هو ته انهن افغانستان کي ٻڌايو ته سڀ ڪجهه صرف هڪ شق تي لاڳاپيل آهي، جنگبندي جي لاءِ وقت جي ڪابه حد مقرر نه ڪئي وئي، جنگبندي معاهدي ۾ واڌ جي لاءِ ڪوبه وقت يا تاريخ مقرر نه ڪئي آهي. بچاءَ واري وزير خواجه آصف جو چوڻ هو ته جيستائين معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي انهن وچ ۾ جنگبندي معاهدو موجود آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
16 %
2.4kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون