اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ پنج لک ميٽرڪ ٽن واڌو ڪڻڪ ايڪسپورٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ايِ سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ واري سفارش جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران پنج لک ميٽرڪ ٽن واڌو ڪڻڪ ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني.
اي سي سي موجب کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت هلندڙ سال جي سيزن جي ضرورت کي ڏسڻ بعد ڪئي وئي، ڪريشنگ شروع ٿيڻ ۾ ٻن مهينن جو وقت آهي ۽ کنڊ جو واڌو اسٽاڪ به موجود آهي.
ناڻي واري وزارت موجب 30 سيپٽمبر تائين کنڊ جو ذخيرو 20 لک 54 هزار ميٽرڪ ٽن آهي، ڏهن مهينن ۾ 54 لک 56 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ استعمال ٿي، ايف بي آر موجب ٻن مهينن ۾ 9 لک ٽن کنڊ استعمال ٿيڻ جو اندازو آهي.
ناڻي واري وزارت موجب شگز ملز 21 نومبر کان ڪريشنگ جي شروعات ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، شرطون پوريون نه ڪندڙ شگر ملن جي ڪوٽا رد ڪئي ويندي.
