تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

الزام طالبان حڪومت کي پنهنجي ذميوارين کان آزاد نٿا ڪري سگهن: پرڏيهي ترجمان

- Advertisement -
پاڪستان، افغان پرڏيهي وزير جا بي بنياد الزام رد ڪري ڇڏيا، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آهي ته الزام طالبان حڪومت کي پنهنجي ذميوارين کان آزاد نٿا ڪري سگهن، افغان ڌرتي تي سرگرم دهشتگرد عنصرن جي موجودگي گڏيل قومن جي رپورٽن ۾ به واضح آهي. اسلام آباد ۾ هفتيواري بريفنگ ڏيندي شفقت علي خان چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغانستان ۾ فتنه الخوارج جي موجودگي جا اطلاع ڏنا آهن، پاڪستان 11 کان 15 آڪٽوبر تائين سرحد تي طالبان جي چڙڏياريندڙ حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي حق تحت طالبان جي حملن جو هاڪاري طور ناڪام بڻايو، طالبان فورسز ۽ ان جي استعمال هيٺ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نقصان پهچايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان واضح ڪيو ته جوابي ڪارروائي شهري آبادي نه دهشتگرد عنصرن خلاف هئي، طالبان جي درخواست تي 15 آڪٽوبر جي شام 6 وڳي کان 48 ڪلاڪن جي جنگبندي ڪئي وئي. شفقت علي خان چيو ته ٻئي ملڪ مسئلي جي پرامن حل لاءِ تعميري ڳالهين ۾ رڌل آهن، پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي. هن چيو ته طالبان حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائيندي علاقائي امن لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪري، پاڪستان کي اميد آهي ته افغان عوام هڪ ڏينهن نمائنده ۽ جامع حڪومت تحت آزاداڻي زندگي گذاريندو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون