اليڪشن جي ڏينهن جي ڊي اي ڌانڌلي خلاف ڇو نه آواز اٿاريو، ٻن ڏينهن بعد ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي : شازيه مري

- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شازيا مري، جي ڊي اي جي ڌرڻي کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن جي ڏينهن جي ڊي اي ڌانڌلي خلاف ڇو نه آواز اٿاريو، ٻن ڏينهن بعد ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ ٽي وي نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي شازيا مري چيو ته جي ڊي اي ۾ شامل ڪجهه پارٽين جا اڳواڻ پير پاڳاري کي استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سانگهڙ ۾ جي ڊي اي وارن غنڊه گردي ڪئي، پ پ جو هڪ ڪارڪن شهيد ٿي ويو ۽ مختلف پولنگ اسٽيشنن تي اينجٽن تي تشدد ڪيو ويو، ثبوت اليڪشن ڪميشن کي اماڻيا آهن. شازيا مري جو چوڻ هو ته پولنگ جي ڏينهن ۽ ڳڻپ وقت جي ڊي اي وارا موجود نه هئا، ٻن ڏينهن بعد ڌانڌلي جا الزام هڻڻ سمجهه ۾ نه ٿا اچن. هن چيو ته جي ڊي اي کي سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جي ڊي اي وارن جيڪي ٻه سيٽون کٽيون آهن، هو پڪ سان چوي ٿي ته اهي به هنن ڌانڌلي ڪري کٽيون آهن. سندس چوڻ هو ته هڪ سال اڳ مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي کي سڄي سنڌ ۾ شڪست ملي هئي پر ان تي جي ڊي اي وارن احتجاج نه ڪيو، مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي کي پولنگ ايجنٽ نه ملي رهيا هئا. پ پ اڳواڻ شازيا مري جو چوڻ ته مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ وارا عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، مولانا کي ڪي پي ۾ شڪست ملي آهي، اتي ڇو ڌرڻو نه هڻي رهيو آهي، سنڌ ۾ ڇو ڌرڻا هڻي عوام کي پريشان ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڌرڻن سان ڪجهه به نه ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون