قومي اسيمبليءَ جو هڪ وڌيڪ ۽ پنجاب اسيمبلي جا 6 ميمبر مسلم ليگ ن ۾ شامل

- Advertisement -
ن ليگ کي قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ پنجاب جون وڌيڪ 6 سيٽون ملي ويون. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 92 تي آزاد حيثيت ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ رشيد اڪبر نورانيءَ ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. پي پي 90 بکر مان  احمد نواز نوراني، پي پي 92 ۽ 93 بکر مان ڪاميابي ماڻيندڙ عامر عنايت شاهاڻي،  پي پي 272 مظفر ڳڙهه،  پي پي 205 خانيوال تي ڪاميابي ماڻيندڙ  اڪبر حيات هراج ۽ پي پي 212 خانيوال تي کٽيندڙ اصغر حيات هراج به  ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا. آزاد حيثيت ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن ن ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ وڏ وزارت لاءِ نامزد  مريم نواز سان ملاقات بعد ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. مريم نواز، پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ کي ڀليڪار ڪندي چيو ته آزاد اميدوارن پاڪستان اڏڻ واري قافلي ۾ شموليت ڪئي آهي، سندن حمايت ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته سندن لاءِ اقتدار نه پر عوام جي خدمت اهم آهي، نوازشريف پاڪستان کي ڏڦيڙ کان بچائڻ ۽ متحد ڪرڻ واري قوت جو نالو آهي. مريم نواز چيو ته نوازشريف اڄ به پاڪستان ۽ مخالف پنهنجي ذات جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پنجاب جي عوام کين مينڊيٽ ڏنو آهي، سندن خدمت ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون