اليڪشن ٽربيونل ۾ آر او جي فيصلن خلاف اميدوارن جي داخل اپيلن جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل ۾ رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اميدوارن پاران  داخل ڪرايل  اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ٽربيونل پي ٽي آءِ سميت مختلف اميدوارن جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اميداور فردوس شميم نقوي جي وڪيل چيو ته پارٽي نشان نه هجڻ سبب نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. جسٽس خادم حسين تنيو چيو ته پارٽي بعد ۾ فيصلو ڪندي ته اميدوار ڪير هوندو، ڇنڊ ڇاڻ بعد فارم ڪيئن رد ٿيو.. جسٽس خادم حسين تنيو چيو ته قانون جي ڪهڙي شق موجب نامزدگي ڪاغذن وقت چونڊ نشان هجڻ ضروري آهي، ڇا تحريڪ انصاف اميدوار کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي؟. مخالف وڪيل اعتراض ڪندي چيو ته قسم نامي ۾ پارٽي سان تعلق بيان ڪرڻ ضروري هوندو آهي، جيڪو فردوس شميم نقوي نه ڪيو، جڏهن ته قسم نامي ۾ ئي غلط معلومات ڏني وئي آهي ته نامزدگي ڪاغذ ڪيئن منظور ڪيا ويندا. اليڪشن ٽربيونل ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميدا مرزا، حسنين مرزا ۽ حسام مرزا پارن جمع ڪرايل اپيلن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٽربيونل پي ٽي آءِ جي فضا ذيشان، آزاد اميدوار سردار بدر عباسي، آزاد اميدوار سجاد حسين، پ پ اميدوار رئوف احمد جي اپيلن ريٽرننگ آفيسرن، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کان 6 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
50%
2.5m/s
0%
اڱارو
23 °
اربع
31 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون