اليڪشن کان فرار ٿيڻ جو رستو ڳوليندڙ ئي ملتوي ٿيڻ جا افواهه پکيڙي رهيا آهن : سردار شاهه

- Advertisement -
صوبائي تڪ پي ايس 49 پٿورو تي  پ پ اميدوار ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، اليڪشن کان فرار ٿيڻ جو رستو ڳوليندڙ ئي ملتوي ٿيڻ جا افواهه پکيڙي رهيا آهن. عمرڪوٽ ۾ سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي سردار شاهه جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ نواز ليگ جي پوزيشن ڪمزور آهي، جيڪي ٻين جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ اچن ٿا اهي پي ٽي آءِ جو حشر ڏسي وٺن، پيپلزپارٽي ڪنهن ٻئي جي نه پر عوام جي ڀروسي تي اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي وفاق  ۽ بلوچستان  توڙي  سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. سردار شاهه چيو ته گذريل اليڪشن ۾ پ پ سنڌ مان 77 سيٽون کٽيون هيون هن ڀيري 90 کان وڌيڪ سيٽون کڻندي، ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري  ٿيندو. اڳوڻي صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ايس 49 جو عوام ساڻس گڏ آهي، هن ڀيري گذريل اليڪشن ۾ کنيل ووٽن کان وڌيڪ ووٽ کڻندو، 8 فيبروري تي سڀني کي خبر پئجي ويندي ته عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
31%
4m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون