- Advertisement -
پشاور جي علائقي صدر ۾ قائم شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو.
اطلاع تي فائر برگيڊ جون 10 گاڏيون موقعي تي پهچي باهه وسائڻ ۾ مصروف ٿي ويون جڏهن ته ٻين ضلعن مان به فائر فائٽرز جون ٽيمون ۽ فائربريگيڊ جون گاڏيون گھرايون ويون آهن.
فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته مجموعي طور تي 26 فائر بگيڊ گاڏيون باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن، بيٽريون ۽ يو پي ايس ڦاٽڻ سبب باهه جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
اختيارين شاپنگ سينٽر جي ڀر ۾ گهر کي به خالي ڪرائي ڇڏيو آهي، شاپنگ سينٽر ۾ بيٽريون ۽ يو پي ايس ڦاٽڻ سبب باهه وڌي رهي آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب شاپنگ سينٽر ۾ موبائيل فون، يو پي ايس ۽ ٻين اليڪٽرانڪ شين جا دڪان آهن، فوري طور تي ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو……- Advertisement -
