- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن فواد حسن فواد جي نگران وفاقي وزير طور مقرري خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائيندي نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فواد حسن فواد نگران وفاقي وزير آهي، هو چونڊن تي اثرانداز نٿو ٿي سگهي، هو ماضي ۾ به اهم پوزيشن تي ڪم ڪندو رهيو آهي، درخواست ذاتي رنجش معلوم ٿي رهي آهي.
نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد تي سياسي پارٽي سان رابطي جو الزام هو.- Advertisement -
