سنڌ ۽ پنجاب جا ڪيترائي علائقا اڄ به ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾، مختلف موٽر ويز ٽريفڪ لاءِ بند

- Advertisement -
سنڌ ۽ پنجاب جا ڪيترائي علائقا اڄ به ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ آهن، مختلف موٽر ويز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا جڏهن ته ڪوهيڙي سبب آپريشن نظام سخت متاثر ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، ڪوهيڙي سبب 20 کان وڌيڪ اڏامون ملتوي ڪيون ويون جڏهن ته ڪيتريون ئي دير جو شڪار آهن. ٻئي پاسي سخت ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ جي ڪري مختلف موٽر ويز هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم ٽو اسلام آباد کان ڪوٽ مومن انٽر چينج، ايم ٽو لاهور کان بلڪسر، ايم ٿري لاهور کان ملتان ۽ لاهور کان سيالڪوٽ موٽر وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم فور پنڊي ڀٽيان کان فيصل آباد، ايم فور شير شاهه کان پنڊي ڀٽيان ۽ ايم فائيو شير شاهه کان اُچ شريف تائين به بند آهي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر يقيني بڻائن لاءِ بند ڪيو ويندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15%
1.2m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون