تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اليڪشن ڪميشن سنڌ پوليس ۾ وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اليڪشن ڪميشن سنڌ پوليس ۾ وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت ڪراچي پوليس چيف، سمورن ڊويزنن جا ڊي آءِ جيز، 31 ايس ايس پيز ۽ ايس پيز تبديل ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن نگران سنڌ سرڪار جي درخواست منظور ڪندي سنڌ پوليس ۾ وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ڪراچي پوليس چيف ۽ اَٺن ڊي آءِ جيز سميت ايس ايس پيز ۽ ايس پيز سطح جا آفيسر تبديل ڪيا ويا.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي خادم رند کي ڪراچي پوليس چيف مقرر ڪيو ويو آهي.

پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اسد رضا کي ڪراچي پوليس رينج ۾ ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ عاصم قائمخاني کي ڊي آءِ جي اولهه مقرر ڪيو ويو آهي.

پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ڪيپٽن رٽائرڊ غلام اظفر مهيسر کي ڊي آءِ جي اوڀر مقرر ڪيو ويو آهي.

طارق رزاق ڌاريجو کي ڊي آءِ جي حيدرآباد، تنوير عالم اوڍو کي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ پرويز چانڊئي کي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي کي سکر کان لاڙڪاڻي ۽ ڊي آءِ جي عبدالحميد کوسي کي لاڙڪاڻي کان سکر بدلي ڪيو ويو آهي.

ان کانسواءِ چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ مقرر عمران قريشي کي بدلي ڪري ڪراچيءَ جي ڏکڻ ضلعي جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ امجد حيات کي ايس ايس پي ڊسٽرڪٽ سٽي ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.

عارف اسلم کي ڪراچيءَ جي ڪياماڙي ضلعي، محضور علي کي اولهه، فيصل عبدالله چاچڙ کي سينٽرل، عرفان بهادر کي اوڀر، طارق اللاهي مستوئي کي ملير ۽ حسن سردار کي ڪورنگي ضلعي جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي.

عرفان سمون کي هڪ ڀيرو وري سکر جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ عبدالرحيم شيرازي کي ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي.

خيرپور مان روحل کوسي کي بدلي ڪري ايس ايس پي ڪشمور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي ڊاڪٽر سميع الله کوسي کي ايس پي خيرپور مقرر ڪيو ويو.

امجد شيخ کي شڪارپور مان بدلي ڪري ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو، سندس جاءِ تي خالد مصطفيٰ ڪورائي کي ايس پي شڪارپور مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سيد عامر عباس شاهه کي ايس ايس پي جيڪب آباد مقرر ڪيو ويو.

 ايس پي جاچ ڪراچي ڏکڻ ابريز عباسي کي بدلي ڪري ايس پي ٽنڊو الهيار مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سليم شاهه ٽنڊي الهيار مان بدلي ڪري ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان مقرر ڪيو ويو آهي.

منير احمد کهڙي کي ايس پي گهوٽڪي ۽ محمد عارف رضا کي ايس پي قمبر شهدادڪوٽ مقرر ڪيو ويو.

نور الحق رند کي ايس پي مٽياري ۽ طارق نواز کي ايس پي ڄامشورو مقرر ڪيو ويو آهي.

شبير سيٺار کي هڪ ڀيرو وري ايس ايس پي دادو مقرر ڪيو ويو، علي بخش عرف آفتاب نظاماڻي کي ايس ايس پي ٺٽو ۽ شهلا قريشي کي ايس پي سجاول مقرر ڪيو ويو آهي.

قمر رضا جسڪاڻي کي ايس پي بدين ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا کي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو، ڪيپٽن رٽائرڊ صدام حسين کي نوشهرو فيروز کان سانگهڙ ۽ عابد بلوچ کي سانگهڙ کان نوشهرو فيروز بدلي ڪيو ويو آهي.

عديل ميمڻ کي ايس ايس پي ميرپورخاص، علي مردان کوسي کي ايس پي ٿرپارڪر   ۽ عبدالخالق کي ايس ايس پي عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
41 %
2kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون