تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي بدلين ۽ مقررين جي به منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي بدلين ۽ مقررين جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا ڪمشنر، ڪورنگي، ڏکڻ، اوڀر جا ڊي سيز تبديل  ڪيا ويا آهن.

حيدرآباد،  لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد، ٿرپارڪر جا ڊي سيز به ڪرڻ جي منظوري  ڏني وئي آهي.

شهيد بينظير آباد، ٺٽي، بدين، ڄامشورو، مٽياري ۽ ٽي ايم خان جا ڊي سيز به تبديل ڪيا ويا آهن.

نوشهرو فيروز، ٽنڊو الهيار، سجاول ۽ ڪشمور ضلعن جا ڊي سيز به تبديل ٿي ويا آهن.

عمرڪوٽ، دادو سانگهڙ ۽ ملير جي ڊي سيز کي به تبديل ڪيو ويو آهي.

سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جا ڊي سيز به تبديل ٿي ويا آهن.

اقبال ميمڻ کي هٽائي سليم راجپوت کي ڪمشنر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.

اقبال ميمڻ تعليم کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪري  اڪبر لغاري بدلي ڪيو ويو آهي.

ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ بدلي ڪري گورنر جو پرنسيپل سيڪريٽري مقرر  ڪيو  ويو آهي.

سندس جاءِ تي خالد حيدر شاهه کي ڪمشنر حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي.

ذوالفقار شاهه سکر ۽ عبدالوحيد شيخ لاڙڪاڻي جا ڪمشنر مقرر ٿي ويا آهن.

گهنور لغاري ڊي جي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي، صدف انيس شيخ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن مقرر ڪري  احمد بخش ناريجي  کي بدلي ڪيو ويو آهي.

ظريف کيڙو لي بدلي ڪري سردار علي شاهه سيڪريٽري آبپاشي کاتو مقرر ڪيو ويو آهي.

شهاب قمر عباسي ايس جي اي اينڊ سي ڊي ۾ سيڪريٽري آءِ اينڊ سي مقرر ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي کي ناڻي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، نديم ابڙي کي سيڪريٽري خوراڪ کاتو مقرر ڪري ابو بڪر احمد بدلي ڪيو ويو آهي.

سيڪريٽري ايڪسائيز عاطف رحمان بدلي ڪري سيڪريٽري گهرو کاتو مقرر ڪيو ويو آهي.

سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ کي بدلي ڪري  سيڪريٽري ايڪسائيز مقرر ڪيو ويو آهي.

الطاف شيخ کي ڊي سي اوڀر ۽ الطاف ساريو کي ڊي سي ڏکڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جنيد اقبال خان ڪراچيءَ جي ضلعي اولهه  ۽ صفدر رضوي کي سينٽرل جو ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي.

سعيد لغاري کي ڪراچيءَ جي ضلعي ملير جو ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي،

فواد غفار سومرو کي ڊي سي ڪورنگيعبدالرحيم خان کي ڪراچيءَ جي ضلعي ڪياماڙيءَ جو ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي.

جاويد ڪنڀر لاڙڪاڻي ۽ الطاف چاچڙ شڪارپور ۾ ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي.

سجاد حيدر قادري قمبر شهدادڪوٽ ۽  فرخ شهزاد قريشي ڪشمور جو ڊي سي ٿي ويو، دادلو زهراڻي جيڪب آباد ۽ حليم جاگيراڻي ٿرپارڪر جو ڊي سي  ٿي ويا آهن.

ولي بلوچ کي عمرڪوٽ ۽ فياض راهوجو  کي دادو ۾ ڊي سي مقرر  ڪيو ويو آهي.

عمران خواجه کي سانگهڙ ۾ ڊي سي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته زاهد حسين شهيد بينظير آباد ۽ محمد ارسلان سليم کي  نوشهروفيروز ۾ ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي…………….

فياض مهيسر سکر، سيد احمد فواد ۽ آغا شير زمان گهوٽڪي ۾ ڊي سي مقرر ٿيندو، آغا واصف کي وڏي وزير جو پرنسيپل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسحاق کهڙو کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جو ڊي جي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته فياض عباسي توانائي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نجم شاهه صحت کاتي ۽ منظور شيخ مڪاني کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سيڪريٽري صحت سهيل قريشي کي ايس اين جي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

رفيق ٻرڙو گورنر هائوس  ۽ زاهد عباسي سينيئر ميمبر روينيو بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي.

شڪيل مڱڻيجو کي چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ مقرر ڪيو ويو، عمر فاروق بلو سيڪريٽري هيومن سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

اسد ضامن سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ نور سمون سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي، مريد راهمون سيڪريٽري سيڪريٽري سيڙپڪاري کاتو مقرر ڪيو ويو آهي.

طاهر سانگي ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ نسيم الغني سهتو ڊي جي ايم ڊي اي مقرر ڪيو ويو آهي.

جلال الدين مهر ڊي جي ٿر ڪول انرجي بورڊ مقرر  ڪري  خادم چنا کي بدلي ڪيو ويو آهي.

دانش سعيد ميمبر جڊيشل بورڊ آف روينيو مقرر

نجب الدين سهتو سيڪريٽري ٻيلو کاتو، ساجد جمال ابڙوسيڪريٽري سوشل ويلفيئر، بقا انڙ سيڪريٽري پورهيو، اعجاز شاهه سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ ۽ نثار ميمڻ اسپيشل سيڪريٽري فنانس، محمد علي شيخ اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ ۽ اختيار قريشي ڊي جي ليبر مقررڪيا ويا آهن………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
41 %
2kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون