اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بابت تفصيل جاري

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن موجب، قومي اسيمبلي لاءِ سڄي ملڪ مان 7 هزار 473 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جن مان هڪ هزار 24 اميدوارن جا فارم رد ٿيا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي اليڪشن لاءِ 6 هزار 449 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ رٽرننگ آفيسرن طرفان منظور ڪيل نامزدگي ڪاغذن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن لاءِ جمع ڪرايل 24 هزار 698 نامزدگي ڪاغذن مان 22 هزار 711 منظور ڪيا ويا جڏهن ته 3 هزار 240 نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. پنجاب مان قومي اسيمبلي جا 521، اسلام آباد 93 ۽ سنڌ مان 166 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. خيبرپختونخوا مان قومي اسيمبلي جي سيٽن تي 152 ۽ بلوچستان مان 92 سيٽن تي اميدوارن جا ڪاغذ رد ٿيا. پنجاب اسيمبلي مان 943، سنڌ اسيمبلي 520، خيبرپختونخوا اسيمبلي 367 ۽ بلوچستان مان 386 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي 252 عورتن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
29%
3m/s
2%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون