تازه ترين

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 39 اسيمبلي ميمبرن جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 39 اسيمبلي ميمبرن جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 41 آزاد ميمبرن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل شروع ڪري ورتو آهي. نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ سان وابستگي جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندڙ 39 ايم اين ايز جو نوٽيفڪيشن پنهنجي ويب سائٽ تي جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن موجب سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ جي فيصلي تحت پي ٽي آءِ جي 39 ميمبرن جو  نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان 41 آزاد  ميمبرن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان به رابطو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي فيصلي تي وضاحت جي درخواست    جمع ڪرائي. درخواست ۾ چيو ويو ته 41 آزاد ميمبرن جي پارٽيءَ وابستگي دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، دستاويز جمع ڪرائيندڙ ميمبرن  لکيو آهي ته وابستگي جي تصديق تحريڪ انصاف ڪندي. اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن رڪارڊ ۾ تحريڪ انصاف جو ڪو به پارٽي اسٽرڪچر ناهي، بنيادي ڍانچو موجود نه هجڻ تي آزاد ميمبرن جي پارٽي وابسگتي ڪير ڪنفرم ڪندو؟ درخواست ۾ چيو ويو ته بئريسٽر گوهر علي خان اليڪشن ڪميشن رڪارڊ ۾ پارٽي چيئرمين ناهي، سپريم ڪورٽ ان معاملي تي رهنمائي ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
39 %
3.7kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون