- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي ايپڪس ڪميٽيءَ دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کانسواءِ بنون جرڳي جا ميمبر ٿيا.
ايپڪس ڪميٽيءَ بنون امن جرڳي جي اڪثر مطالبن سان اتفاق ڪيو، جنهن بعد اجلاس جو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته دهشتگرد هر صورت مذمت جوڳا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
ڪي پي جي وڏي وزير پوليس کي حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪو هٿياربند غيرسرڪاري شخص هجي ته ان کي گرفتار ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.
اجلاس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پوليس هٿياربند گروهن جي آفيسن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪندي، فوجي ادارن واضح ڪيو ته صوبي ۾ ڪو به آپريشن نه پيو ٿئي، دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروائي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ڪندي.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته بارڊر ويجهو اهڙا علائقا جتي پوليس ڪارروائي نه ڪري سگهي، اتي فوج کان مدد ورتي وڃي..
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته موجوده نفري ۽ گاڏين ذريعي صوبي خاص طور ڏاکڻن ضلعن کي ترجيحي بنيادن تي اضافي مدد فراهم ڪئي وڃي.- Advertisement -
