تازه ترين

آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي آمريڪي صدر کي سزا

- Advertisement -
آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جعلسازي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون صدر آهي جنهن کي سزا ٻڌائي وئي، اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 34 الزامن ۾ سزا ٻڌائي وئي. عدالت جي جيوري اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪرمنل ڪيس تي فيصلو ٻڌايو، 12 رڪني جيوري ٽرائل جج کي هڪ نوٽ ذريعي گڏيل فيصلي جي اطلاع ڏني. اڳوڻي آمريڪي صدر کي جعلي ڪاروباري رڪارڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ڊونلڊ ٽرمپ خلاف الزام 130 هزار ڊالرن جي ادائيگي بابت هئا، اها رقم هڪ آمريڪي فلمي اداڪاره کي ادا ڪئي وئي، اڳوڻي صدر آمريڪي اداڪارا اسٽارمي ڊينيئلز کي جنسي لاڳاپا لڪائڻ لاءِ رقم ادا ڪئي هئي. آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ کي 11 جولاءِ تي سزا ٻڌائي ويندي، اڳوڻي صدر کي جيل به ڀوڳڻو پئجي سگهي ٿو پر قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڏنڊ لڳڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ عدالتي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي ان کي پنهنجي بدنامي قرار ڏئي ڇڏيو جيوري طرفان فيصلو اچڻ کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ عدالت جي فيصلي تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ساڻس ناانصافي ڪئي وئي آهي، هو آخر تائين وڙهندو. هوڏانهن آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فيصلو اچڻ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ فيصلي خلاف اپيل ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
35 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون