- Advertisement -
آمريڪا پاڪستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي طالبان تي زور ڏنو آهي ته افغان سرزمين تان دهشتگرد حملا نه ٿيڻ گهرجن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته آمريڪا پرعزم آهي ته افغانستان ٻيهر ڪڏهن به دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه نه بڻجي، هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهين ٿا ته آپريشن دوران شهري متاثر نه ٿين.
ويدانت پٽيل بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستاني عملدارن سان سندن باقاعده رابطو آهي جنهن ۾ افغانستان بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته آمريڪي سفير ۽ پاڪستاني وزيراعظم وچ ۾ ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ آءِ ايم ايف ذريعي معاشي سڌارن لاءِ آمريڪي سهڪار تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت سان واپار، سيڙپڪاري، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.- Advertisement -
