تازه ترين

امريڪي رياست جارجيا جي اسڪول ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي

- Advertisement -
امريڪي رياست جارجيا جي اسڪول ۾ فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. امريڪي ميڊيا موجب، فائرنگ کانپوءِ اسڪول مان هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو، فائرنگ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار 14 ورهين جو شاگرد آهي. امريڪي ميڊيا موجب، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ سبب زخمي ڪيترن ئي ماڻهن کي اسپتال آندوويو، فائرنگ جي اطلاع تي بيروڪائونٽي جي سڀني اسڪولن کي بند ڪيو ويو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. عملدارن جو چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ ڀاڄ سبب به ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. سخت زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ هيليڪاپٽرن ۽ ايمبولنسز کي ڪنهن به هنگامي صورتحال لاءِ تيار رکيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
73 %
2.4kmh
11 %
آچر
28 °
سُومر
33 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون