- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن چيني صدر شي جن پنگ سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
امريڪي ميڊيا موجب، ٻنهي صدرن وچ ۾ معاشي رابطن، يوڪرين ۽ سائبر سڪيورٽي خدشن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
چيني صدر جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جو احترام ۽ برابر جو سهڪار جاري رکڻ گھرجي.
هن چيو ته تائيوان معاملو ريڊ لائين آهي جيڪو امريڪا-چين لاڳاپن ۾ ڪراس نه ٿين گھرجي.
چين جي صدر چيو ته امريڪا چيني ٽيڪنالاجي جي ترقي روڪي ته هو خاموش نه ويهندا.
امريڪي ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته منشيات، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ موسمياتي تبديلين جي سهڪار تي اتفاق ڪيو.- Advertisement -
