- Advertisement -
ڪي پي جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف چيو آهي ته اميد آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس جو فيصلو وڌيڪ ملتوي نه ٿيندو، پهريان ئي ٽي ڀيرا فيصلو ملتوي ٿيڻ سبب شڪ شبن جنم ورتو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار برابر آهي، القادر ٽرسٽ ڪيس حڪومت جو جعلي ڪيس آهي.
سندس چوڻ هو ته القادر ڪيس ۾ پيسا پرڏيهه مان آيا، رياست جي ڀلائي واري منصوبي تي خرچ ڪيا ويا.
ڪي پي جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف چيو ته پي ٽي آءِ باني يا بشريٰ بي بي جي اڪائونٽ ۾ ڪابه رقم منتقل نه ٿي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني خلاف سمورن ڪيسن جي حقيقت عدالتن ۾ وائکي ٿي رهي آهي.
ڪي پي جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ لاقانونيت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن.- Advertisement -
