ڪسٽم مان نيلام ٿيل گاڏين جي غيرقانوني رجسٽريشن ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ خلاف ٻڌڻي

- Advertisement -
ڪراچي جي عدالت ڪسٽم مان نيلام ٿيل گاڏين کي ايڪسائيز کاتي پاران جعلسازي ڪري غيرقانوني گاڏين جي رجسٽريشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ ڪسٽم مان نيلام ٿيل گاڏين کي ايڪسائيز کاتي پاران جعلسازي ڪري غيرقانوني گاڏين جي رجسٽريشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ ايڪسائيز کاتي جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد طارق خان، اڳوڻو اي ٽي او عبدالوحيد صديقي، ايڪسائيز انسپيڪٽر سيد فياض شاھه ۽  ٻيا جوابدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران هڪ شاهد جي آڏي پڇا ٿي، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو. عدالت ۾ اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زاهد حسين راهوجو چيو ته 2019 ۾ ڪسٽم کاتي 19 گاڏيون نيلام ڪيون هيون. اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر چيو ته 2019 ۾ ڪسٽم کاتي رڳو 12 گاڏيون نيلام ڪيون ويون هيون، پر ايڪسائيز کاتي جعلسازي ڪري 12 گاڏين بدران 19 گاڏيون رجسٽرڊ ڪيون. زاهد حسين راهوجو چيو ته رڪارڊ مان ثابت ٿئي ٿو ته 7 گاڏين جي جعلي رجسٽريشن ڪري قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي. عدالت ۾ اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زاهد حسين راهوجو چيو ته ايڪسائيز عملدارن غيرقانوني رجسٽريشن، جعلسازي ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد طارق خان، اڳوڻي اي ٽي او عبدالوحيد صديقي، ايڪسائيز انسپيڪٽر فياض شاهه ۽ ٻين خانگي ماڻهن گاڏيون رجسٽرڊ ڪرايون، سندن خلاف 2019ع ۾ اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون