تازه ترين

انساني حقن جي نگران عالمي اداري ايمنسٽي انٽرنيشنل، غزا ۾ اسرائيلي ڪاررواين کي فلسطينين جي نسل ڪَشي قرار ڏنو

- Advertisement -
انساني حقن جي نگران عالمي اداري ايمنسٽي انٽرنيشنل، غزا ۾ اسرائيلي ڪاررواين کي فلسطينين جي نسل ڪَشي قرار ڏنو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان غزا ۾ اسرائيل جي قهري ڪاررواين جي جائزي لاءِ  هڪ تاريخي تحقيق ڪئي آهي، جيڪا انٽرويوز، سيٽلائٽ اميجري  ۽ صحافين کان ورتل وڊيوز ۽   تصويرن جي تجزئي سان ڀريل آهي. اها رپورٽ  تيار ڪرڻ لاءِ ايمنسٽي انٽرنيشنل آڪٽوبر 2023ع کان جولاءِ 2024ع تائين تحقيق ڪئي. 296 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ چيو ويو ته  اسرائيل جون غزا ۾ ڪارروايون فلسطينين کي تباهه ڪرڻ  اراديءَ سان ئي ڪيون ويون. رپورٽ جاري ڪندي ايمنسٽي جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته سندن تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته اسرائيل غزا ۾ فسطينين کي تباهه ڪرڻ جي مخصوص ارادي سان گڏوگڏ  نسل ڪشي ڪنويشن تحت قهري ڪارروايون ڪيون آهن. هن چيو ته مهينن جا  مهينا اسرائيل غزا ۾ فلسطينين سان غير انساني گروهه طور ورتاءُ ڪيو ۽ جسماني طور فلسطينين کي تباهه ڪرڻ وارو ارادو ظاهر ڪيو. رپورٽ ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل ڪيو ته غزا ۾ تڪرار دنيا جي ڪنهن به تازي تڪرار ۾ 7 آڪٽوبر 2024ع تائين سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ڏٺو ويو آهي. ايَ ايف پي جي تازن انگن اکرن موجب چوڏهن مهينن دوران 44 هزار فلسطيني مارجي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شهيد ٿيل 30 فلسطيني به شامل آهن، ان کانسواءِ گذريل سال اسرائيلي اڳرائي شروع ٿيڻ بعد غزا جي پٽيءَ هڪ لک 5 هزار 538 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. رپورٽ ۾ چيوويو ته معاشي سرگرمين جي سمورن شعبن ۾ گهرن ۽ انفرااسٽڪچر کي نقصان ۽ تباهي جي سطح  توڙي رفتار 21هين صديءَ ۾ ڪنهن به ٻئي تڪرار ۾ ناهي ڏٺي وئي. رپورٽ موجب گڏيل قومن جي سيٽلائٽ سينٽر جي جائزي موجب جولاءِ 2024ع تائين غزا جي ڪل ڍانچي مان 63 سيڪڙو نقصان پهچايو ويو يا تباهه ٿي چڪو هو. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس ۽ ٻين هٿياربند گروپن جي حملن جو جواز ڄاڻائي شروع ڪيل فوجي ڪارروائي تحت والاريل غزا جي پٽيءَ  ۾ اسرائيلي اختيارين جي پاليسين ۽ قدمن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل رپورٽ ۾ نوٽ لکيو ته اسرائيل جون ڪارروايون ختم ٿيڻ بعد ئي غزا ۾ مڪمل جائزو ممڪن ٿيندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
65 %
0.5kmh
100 %
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون