- Advertisement -
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي بابت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا آهن، ايونٽ پاڪستان جي ميزبانيءَ هيٺ هائبرڊ ماڊل تحت کيڏيو ويندو.
ڀارتي ميڊيا موجب طئه ٿيل معاهدي تحت ڀارت چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ پنهنجون ميچون دبئي ۾ کيڏندو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽن ورهين تائين پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ نه کيڏندا، 2027ع تائين پاڪستان آءِ سي سي جي ايونٽن ۾ ڀارت وڃي ميچون نه کيڏندو.
ڀارتي ميڊيا موجب 2026ع ۾ رٿيل ٽي ٽوئڻٽي ورلڊڪپ جا ڀارت ۽ سريلنڪا گڏيل ميزبان آهن، پاڪستان ان ايونٽ ۾ پنهنجون سموريون ميچون نيوٽرل وينيو تي کيڏندو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي راضپي جي صورت ۾ چيمپئنز ٽرافي جا معاملي ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ باضابطا طور طئه ٿيڻ جو امڪان آهي.- Advertisement -
