انصاف جي عالمي عدالت طرفان اسرائيل کي رفح ۾ فوجي آپريشن فوري طور روڪڻ جو حڪم

- Advertisement -
انصاف واري عالمي عدالت، اسرائيل کي کي رفح ۾ فوجي آپريشن فوري طور روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. انصاف واري عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان رفع ۾ زميني آپريشن روڪڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت جي صدر نواف سلام ڏکڻ آفريڪا جا درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي اسرائيل کي رفح ۾ آپريشن فوري طور روڪڻ جو حڪم ڏنو. انصاف جي عالمي عدالت طرفان فيصلو ٻن جي ڀيٽ ۾ تيرهن جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اسرائيل عدالت جي حڪم تي عمل جي رپورٽ هڪ مهيني اندر پيش ڪري. انصاف جي عالمي عدالت حڪم نامي ۾ چيو ته رفح ۾ اسرائيلي قدمن سبب فلسطيني عوام کي سخت خطرا آهن. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته غزا ۾ اسرائيلي ڪاررواين سبب شهر جو انفرا اسٽرڪچر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ هزارين قيمتي انساني جانين جو نقصان ٿيو، اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. انصاف واري عالمي عدالت چيو ته جڏهن غزا کان لکين ماڻهو پناهه وٺڻ لاءِ رفح پهتا ته اسرائيل اتي به فوجي آپريشن ڪيو. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته غزا کانپوءِ رفح ۾ انساني صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، اسرائيل گڏيل قومن جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، اسرائيل گڏيل قومن جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن کي غزا تائين پهچ ڏي. عدالت اسرائيل کي رفح ۾ فوجي آپريشن فوري طور بند ڪرڻ ۽ ان مقصد لاءِ کنيل قدمن بابت هڪ مهيني اندر عدالت کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
18%
3m/s
1%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون