- Advertisement -
انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 آڪٽوبر تائين وڌائي وئي.
ايف بي آر موجب انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ڪاروباري تنظيمن ۽ ٽيڪس بار ايسوسيئشنز جي درخواست تي ۽ بئنڪن جي موڪلن کي نظر ۾ رکندي وڌائي وئي.
گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي سيڪشن اَي 214 تحت ڪئي وئي آهي.
واضع رهي ته ان کان اڳ 30 سيپٽمبر تي انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 14 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي هئي.- Advertisement -
