تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوورو ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوورو ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي بعد جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني ڊويزن بينچ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درسي ڪتاب صوبي جي ڪجهه ضلعن جي سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي ڏنا ويا آهن. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت جو چوڻ آهي ته ڪتاب گودامن ۾ رکڻ لاءِ نه آهن، بنا دير ٻارن تائين پهچايا وڃن، ضلعي سيشن جج ڏسن ته ڪتاب ٻارن تائين ڇونه پهتا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊاڪ ۽ ڊيپوٽيشن تي تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندڙ تعليم کاتي جي صوبائي وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽري عبدالحليم سومرو کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت تعليم کاتي ۾ ايڊاڪ ۽ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ 19 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري گلزار، ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق حسين، پي ڊي رضوان سومري کي به هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي 10 ڏينهن اندر تعليم کاتي ۾ ايڊاڪ ۽ ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙن کي واپس پنهنجي کاتي ۾ موڪلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33 %
4kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون