- Advertisement -
اوٻاوڙي جي علائقي رونتي ۾ پوليس آپريشن ڪري ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ اوٻاوڙو پوليس ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ بدنام ڏوهاري سوناڙي شر جي ٽولي خلاف آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلي بعد عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل مديجي واسي احسان سهتو ۽ گجرات واسي امجد راجپوت کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي.
پوليس جو چوڻ هو ته آپريشن دوران ڏوهارين جي ٿاڪن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي، مغوين جي بازيابي تائين ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.- Advertisement -
