- Advertisement -
نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي صلاح مشورن جو سلسلو شروع نه ٿي سگهيو آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب کي خط نه لکيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئين تحت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري تي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر ۾ مشورو لازمي آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿيندو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ ويندو.
قومي اسيمبلي ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ عمر ايوب جي خط جو به اسپيڪر آفيس ڪو جواب نه ڏنو آهي.
ذريعن موجب، پارلياماني ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر ٻنهي کي خط لکيا ويا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 26هين آئيني ترميم تحت جيستائين نئون چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر مقرر نه ٿيندا موجوده ڪم جاري رکندا.- Advertisement -
