- Advertisement -
اوٻاوڙي ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن ۽ ٽن ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا آهن.
ايم فائيو موٽروي سي پيڪ لوڪيشن نمبر 470 وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ شگفته، حسنات ۽ شفيق احمد سميت 8 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ماهه نور ۽ همت خان سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد موٽروي پوليس، ٻيلو ميرپور پوليس ۽ رينجرز جي جوانن فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتاري سبب حادثو پيش آيو، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
