تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان نويڪلائي ۾ ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي سمورا مسئلا گڏجي ويهي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هو گڏجي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن حل ڪندا. ڪراچي جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف وزيراعليٰ هائوس پهتو جتي صوبائي وزير وزيراعظم جو آڌر ڀاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم سان سنڌ ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ٻين مسئلن بابت ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران وڏي وزير، وزيراعظم سان ڊائريڪٽ ڪٽوتين بعد فنڊز جي واپسي نه ٿيڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف، وڏي وزير مراد علي شاهه کي سمورا مسئلا گڏجي ويهي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هو گڏجي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن حل ڪندا. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن سميت هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، جتي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سندس آڌرڀاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ وفاقي وزير احسن اقبال، محمد اورنگزيب، خالد مقبول صديقي ۽ عطاءُ الله تارڙ به ڪراچي پهتا. وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزيرن سان گڏ مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم مزار قائد تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم شهباز شريف مختلف شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن کي مزار قائد تي ملڪ جي خدمت ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ بابت قسم کڻايو ورتو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وچن ڪيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائداعظم جو پاڪستان بڻائيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
25 %
5kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
35 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون