تازه ترين

ايران جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس رسمي ڪارروائي بعد ملتوي

- Advertisement -
ايران جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس رسمي ڪارروائي بعد ملتوي ڪيو ويو، سلامتي ڪائونسل ۾ ايران، اسرائيل ڇڪتاڻ بابت وڌيڪ بحث بعد ۾ ڪيو ويندو. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته ڪنهن به رياست جي علاقائي سلامتي خلاف طاقت جو استعمال منع آهي. سندس چوڻ هو ته وچ اوڀر تباهي جي ڪناري ۽ عوام کي سنگين خطرا سامهون آهن، خطي کي تباهه ڪندڙ جنگ جو خطرو سامهون آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ڇڪتاڻ کي گهٽ ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي، غزه ۾ جنگبندي، يرغمالين جي غير مشروط آزادي ۽ امداد جي فراهمي سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. اجلاس دوران گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب نمائندي رابرٽ ووڊ چيو ته سلامتي ڪائونسل ايران جي جارحاڻي قدمن جي مذمت ڪري، سلامتي ڪائونسل ايران ۽ سندس ڀائيوارن کان حملا بند ڪرائي، آمريڪا اڳتي گڏيل قومن ۾ ايران کي جوابده بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻندو، ايران يا سندس مددگار آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪن ٿا ته ايران کي ذميوار قرار ڏنو وڃي. گڏيل قومن ۾ برطانوي نمائندي باربرا ووڊ ورڊ چيو ته برطانيا، ايران جي حملي بعد اسرائيل جي سلامتي، اردن ۽ عراق سميت علاقائي ڀائيوارن لاءِ بيٺل رهندو، برطانيه وڌيڪ ڇڪتاڻ روڪڻ ۽ صورتحال مستحڪم ڪرڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني خبردار ڪيو ته آمريڪا، ايران خلاف فوجي ڪارروائي شروع ڪئي ته ايران مناسب ردعمل جو حق استعمال ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
24 %
2.6kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون