تازه ترين

سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي پهچي رهيو آهي

- Advertisement -
سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جي سربراهيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد اڄ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي پهچي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد ۾ سيڙپڪاري، پاڻي ۽ زراعت، ماحوليات، صنعت. معدني وسيلن ۽ توانائي وارا وزير شامل آهن، وفد پاڪستان ۾ قيام دوران سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، سعودي وفد جي پاڪستان جي دوري جو مقصد ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ ۽ گڏيل اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن طرفان مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيون ڪيون وينديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سعودي وفد صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان به ملاقاتون ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
24 %
2.6kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون