- Advertisement -
ايران ۾ نئين چونڊيل صدر جي باقاعده منظوري واري تقريب ۾ ايراني سپريم ليڊر خامنه اي مسعود پزشڪيان جي ايراني صدر طور باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي.
ايراني سپريم ليڊر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو ذهين، ايماندار ۽ مقبول ليڊر مسعود پزشڪيان کي ملندڙ ووٽن جي منظوري ڏيندي کيس اسلامي جمهوريه ايران جو صدر مقرر ڪري ٿو.
تقريب کي خطاب ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسرائيل تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت اسرائيل ڪا رياست نه پر ڏوهارين جي گينگ، قاتلن ۽ دهشتگردن جو ٽولو آهي.
تقريب کانپوءِ وقتي ايراني صدر محمد مخبر صدارتي ذميواريون 69 سالا مزيشڪيان جي حوالي ڪري ڇڏيون جڏهن ته نئين صدر ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ 72 ورهين جي عابد رضا کي پنهنجو نائب مقرر ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
