ايران ۾ چوڏهين صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري

- Advertisement -
ايران ۾ چوڏهين صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي. نئين ايراني صدر جي چونڊ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پولنگ ايراني وقت موجب صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا شام 6 وڳي تائين جاري رهندي. ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. صدارتي چونڊ لاءِ چئن اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، جن ۾ سعيد جليلي، محمد باقر، مسعود پزيشڪيان ۽ مصطفيٰ پور محمدي شامل آهن. ايران جي صدارتي چونڊ ۾ ڪابه عورت اميدوار ناهي. اسلامي جمهوريه ايران ۾ عورتن کي صدر جي عهدي لاءِ چونڊ وڙهڻ جي اجازت ناهي. ايراني ميڊيا موجب، ايران ۾ 6 ڪروڙ 10 کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن. صدارتي چونڊ جي قطعي نتيجن جو اعلان ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو. ايران ۾ صدر ابراهيم رئيسي جي شهادت بعد وقت کان اڳ صدارتي چونڊ ٿي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
25%
3.1m/s
1%
سُومر
19 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون