تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

معيشيت بهتر ٿي رهي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي اچڻ گهرجي :محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته معيشيت بهتر ٿي رهي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي اچڻ گهرجي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 13 سيڪڙو تي آڻڻو پوندو،  ايف بي آر ۾ ڊجيٽل سڌارا، ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويندو، خانگائڻ وارو منصوبو ٻن کان ٽن سالن جو آهي جيڪو مرحليوار مڪمل  ٿيندو. قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ ترميمن بابت پڄاڻي واري تقرير ۾ محمد اورنگزيب چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 70 رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 80 رپيا ڪرڻ جو بجيٽ وارو فيصلو واپس ورتو ويو آهي، سولر پينل تي ڪابه ڊيوٽي ناهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت گرين انرجي کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي، مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 18 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ڪرنٽ اڪائوٽ به هيٺ اچڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي معيشيت بهتري طرف وڌي رهي آهي، ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن، ٽيڪس ٽو ساڍا 9 سيڪڙو تي نٿي رهي سگهي، جي ڊي پي کي 13 سيڪڙو تي آڻڻو پوندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ايف بي آر ۾ ڊجيٽل سڌارا، ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويندو، خانگائڻ وارو منصوبو ٻن کان ٽن سالن جو آهي جيڪو مرحليوار مڪمل  ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون