تازه ترين

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي

- Advertisement -
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ايَ ڊي بي طرفان پاڪستان جي اقتصادي ڪارڪردگي بابت آئوٽ لـُـڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين، جڏهن  ته سال 2025ع ۾ جي ڊي پي به شرح 2 ڏهائي 8 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، پر  معاشي ترقي سڌارن واري ايجنڊا تي عمل واري پاليسيءَ سان مشروط آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي، خانگي شعبي کي هٿي ڏيڻ به پاڪستاني معيشت ۾ بهتريءَ جي شرط هوندي، مهانگائي جي شرح سال 2023ع تائين 29 ڏهائي 2 سيڪڙو هئي، جيڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 23 ڏهائي 4  سيڪڙو تائين اچي وئي آهي. ايَ ڊي بي موجب مالي سال 2024ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ مهانگائي وڌيڪ رهي ۽ ٻي ٽه ماهيءَ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي. آئوٽ لـُـڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته منظم وياج جي شرح، ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام سان پاڪستان ۾  مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، مالي سال 2025ع ۾  مهانگائي جي شرح 15 سيڪڙو تائين گهٽ هجڻ جو امڪان آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
1.7kmh
18 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون