- Advertisement -
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ايَ ڊي بي طرفان پاڪستان جي اقتصادي ڪارڪردگي بابت آئوٽ لـُـڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين، جڏهن ته سال 2025ع ۾ جي ڊي پي به شرح 2 ڏهائي 8 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، پر معاشي ترقي سڌارن واري ايجنڊا تي عمل واري پاليسيءَ سان مشروط آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي، خانگي شعبي کي هٿي ڏيڻ به پاڪستاني معيشت ۾ بهتريءَ جي شرط هوندي، مهانگائي جي شرح سال 2023ع تائين 29 ڏهائي 2 سيڪڙو هئي، جيڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 23 ڏهائي 4 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي.
ايَ ڊي بي موجب مالي سال 2024ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ مهانگائي وڌيڪ رهي ۽ ٻي ٽه ماهيءَ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي.
آئوٽ لـُـڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته منظم وياج جي شرح، ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام سان پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، مالي سال 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح 15 سيڪڙو تائين گهٽ هجڻ جو امڪان آهي.- Advertisement -
