تازه ترين

ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

- Advertisement -
ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. چين ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي پهرين سيمي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ميزبان چين وچ ۾ کيڏي وئي. مقرر وقت ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ هڪ هڪ گول تان برابر رهي، جڏهن ته پاڪستان چار پنالٽي شوٽ آئوٽ ضايع ڪري فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو. ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ پاڪستان طرفان واحد گول احمد نديم ڪيو. چين ٻيو ڀيرو پاڪستان هاڪي ٽيم کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ان کان اڳ 2006ع ۾ ايشين گيمز جي سيمي فائنل ۾ به چين پاڪستان کي هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
24 %
3.3kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون