- Advertisement -
ايم ڪيو ايم جا ٻه اهم سينيئر اڳواڻ انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون پ پ ۾ شامل ٿي ويا، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پ پ ڪراچيءَ وارن جي پارٽي آهي، گڏجي ڪراچيءَ ۾ روشنيون بحال ڪرائيندا، هو چاهن ٿا ته سڄي دنيا ۾ سيڙپڪاري ڪراچي ۾ اچيَ.
ايم ڪيو ايم جي ٻن سينيئر اڳواڻن انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪري ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.
آصف علي زرداري، ٻنهي اڳواڻن کي پارٽي جي جهنڊي وارو مفلر پارائي ڀليڪار ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ جو چارٽر آف ڪراچي شهر جي مستقبل تي وڏا اثر ڇڏيندو، پ پ ڪراچيءَ وارن جي پارٽي آهي.
هن چيو ته هو ڪراچيءَ وارن سان گڏجي شهر جون روشنيون بحال ڪرائيندا جيڪي امن دشمنن ۽ نفرت جي سوداگرن کسي ورتيون هيون.
آصف زرداريءَ چيو ته ڪراچيءَ جي شهرين جي ووٽ سان پ پ جي وفاق ۾ اقتدار ملڻ ان ڳالهه برابر هوندو ته ڪراچيءَ وارن جي پارٽي پهريون ڀيرو وفاق تي حڪومت ڪندي.
اڳڻي صدر چيو ته هو چاهن ٿا ته سڄي دنيا ۾ سيڙپڪاري ڪراچي ۾ اچيَ ۽ شهر دبئي جيان معاشي مرڪز بڻجي………- Advertisement -
