ايم ڪيو ايم جا ٻه اهم سينيئر اڳواڻ انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون پ پ ۾ شامل

- Advertisement -
ايم ڪيو ايم جا ٻه اهم سينيئر اڳواڻ انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون پ پ ۾ شامل  ٿي ويا، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پ پ ڪراچيءَ وارن جي پارٽي آهي، گڏجي ڪراچيءَ ۾ روشنيون بحال ڪرائيندا، هو چاهن ٿا ته سڄي دنيا ۾ سيڙپڪاري ڪراچي ۾ اچيَ. ايم ڪيو ايم جي ٻن سينيئر اڳواڻن انيس ايڊووڪيٽ ۽ رضا هارون ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪري ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت جو اعلان  ڪيو آهي. آصف علي زرداري، ٻنهي اڳواڻن کي پارٽي جي جهنڊي وارو مفلر پارائي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ جو چارٽر آف ڪراچي شهر جي مستقبل تي وڏا اثر ڇڏيندو، پ پ ڪراچيءَ وارن جي پارٽي آهي. هن چيو ته هو ڪراچيءَ وارن سان گڏجي شهر جون روشنيون بحال ڪرائيندا جيڪي امن دشمنن ۽ نفرت جي سوداگرن کسي ورتيون هيون. آصف زرداريءَ چيو ته ڪراچيءَ جي شهرين جي ووٽ سان  پ پ جي وفاق ۾ اقتدار ملڻ ان ڳالهه برابر هوندو ته ڪراچيءَ وارن جي پارٽي پهريون ڀيرو وفاق تي حڪومت ڪندي. اڳڻي صدر چيو ته هو چاهن ٿا ته سڄي دنيا ۾ سيڙپڪاري ڪراچي ۾ اچيَ ۽ شهر دبئي جيان معاشي مرڪز بڻجي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
light rain
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50%
4.3m/s
12%
خميس
24 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون