اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل جي ڪارروائي، 8 ورهين کان گهربل اشتهاري جوابدار گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي ۾ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل وڏي ڪارروائي ڪندي 8 ورهين کان گهربل اشتهاري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪورنگي واري علائقي ۾ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل وڏي ڪارروائي ڪئي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ڪارروائي دوران انساني سمگلنگ جي ڪريل ڏوهه ۾ ملوث جوابدار غلام محمد کي گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار ڳري رقم عيوض پنهنجي پاسپورٽ تي مسافر کي پرڏيهه اماڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ڄاڻايل مسافر کي اميگريشن دوران گرفتار ڪيو ويو هو، گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي جوابدار غلام محمد خلاف 2017ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار غلام محمد 8 ورهين کان روپوش هو، سندس گرفتاري لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڇاپا هنيا ويا هئا. ايف آءِ اي ترجمان موجب، گرفتار جوابدار کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.2 ° C
32.2 °
32.2 °
10%
2.6m/s
0%
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون