تازه ترين

ايوان صدر ۾ پاڻي بابت ٿيل گڏجاڻي تي خدشا آهن، پاڻي بابت 91ع واري ٺاهه تي عمل ٿيڻ گهرجي : زين شاهه

- Advertisement -
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاهه چيو آهي ته ايوان صدر ۾ پاڻي بابت ٿيل گڏجاڻي تي خدشا آهن، پاڻي بابت 91ع واري ٺاهه تي عمل ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي زين شاهه چيو ته سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي معاملي تي هميشه اختلاف رهيا آهن ۽ هڪٻئي خلاف سخت جملا استعمال ڪيا وڃن ٿا، پاڻي جي معاهدي تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 28 جولاءِ تي هڪ منصوبو جوڙي سنڌ مٿان بم ڪيرايو وڃي، پهرين مرحلي ۾ 12 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، ٽوٽل 80 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، فيصلو ڪرڻ وارن ۾ هڪ به پاڻي ماهر شامل نه هو. زين شاهه چيو ته جڏهن به پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندي آهي، هن وقت سندن ڊيلٽا ناهي رهي، 91 واري معاهدي تحت 10 ايم اي ايف پاڻي ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو پر ائين نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي کي پيئڻ لاءِ کين ايريگيشن سسٽم مان پاڻي ڪڍي ڏيڻو پوندو آهي، پاڪستان جي ڪمانڊ ايريا ۾ پاڻي ناهي، ان ڪري هو ڇهن ڪئنالن جي مخالفت ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته عارف علوي صدر طور فائل تي صحي نه ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ان جو سڀ کان گهڻو نقصان سنڌ جو ٿيندو، زرداري صاحب صدارتي عهدي، هڪ صوبائي حڪومت ۽ ٻن گورنر شپ لاءِ سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪندو ته اهو کين ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. زين شاهه چيو ته حڪومت رويو تبديل ڪري، هو خيرات نه پر انصاف گهري رهيا آهن، جيڪو پاڻي کين آئين تحت مليل آهي، اهو ملڻ گهرجي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون