ايڪسائيز کاتي سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس نظام کي آن لائن ۽ ون لنڪ سان ڳنڍڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي ٽيڪس نظام کي آن لائن ڪرڻ ۽ ون لنڪ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڪسائيز سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائيز اورنگزيب پنهور، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي پريمئم نمبر پليٽس جي تياري جي حوالي سان اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. ٽن مختلف ڪيٽريگريز پلاٽينم ڪيٽيگري ۾  10، گولڊ ڪيٽيگري ۾ 11 ۽ سلور ڪيٽيگري ۾10 پريمئم نمبرن جي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پراپرٽي ٽيڪس، پروفيشنل ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪسن بابت به تفصيلي معلومات ورتي. سنڌ جي سينيئر وزير پاران اختيارين کي پراپرٽي ٽيڪس، پروفيشنل ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪس جا هدف مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. هدف حاصل ڪرڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي ايڪسائيز کاتي جي 82 آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. اجلاس ۾ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ ايڪسائيز ملازمن کي معطل ڪرڻ سميت ٻين کاتيوار ڪاررواين جون هدايتون ڪيون ويون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽيڪس نظام کي آسان بڻائڻ لاءِ آن لائن ادائگي جو سسٽم شروع ڪيو وڃي، عوام جي سهولت لاءِ ٽيڪس نظام کي جلد کان جلد ون لنڪ سان ڳنڍيو وڃي. سندس چوڻ هو ته غير رجسٽرڊ ۽ خانگي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳائڻ ڏوهه آهي، ان حوالي سان قانون سازي ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جعلي نمبر پليٽ لڳائڻ جي ڏوهه کي ضمانت نه ٿيڻ جو قرار ڏيڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال قيد جي سزا لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
23%
2.7m/s
35%
اربع
21 °
خميس
21 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون