تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين ٽيلنٽ کي مقرر ڪري اوڳاڙي ڪيس فوري طور حل ڪيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين ٽيلنٽ کي مقرر ڪري اوڳاڙي ڪيس فوري طور حل ڪيا وڃن، ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونلز جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ وزيراعظم عدالتن ۾ التوا ۾ پيل آمدني جي ڪيسن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايف بي آر کي آمدني ڪيسن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين قابليت رکندڙ ماڻهن کي مقرر ڪري روينيو ڪيس جلدي حل ڪرڻ گهرجن،  هن ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ايف بي آر سڌارن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته تازو ڪراچي ۾ فيس ليس اسسمنٽ نظام شروع ڪيو ويو آهي، جديد نظام سان ڪرپشن جو خاتمو ۽ ڪسٽم ڪليئرنس لاءِ گهربل وقت کي گهٽائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته اسين ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ رپئي جي حفاظت ڪنداسين، ٽيڪس نه ڏيندڙن کان ٽيڪس گڏ ڪنداسين، غريبن تي اضافي ٽيڪس جو بار نه وجهنداسين. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وزير مملڪتي علي پرويز ملڪ، اٽارني جنرل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون