تازه ترين

اڄوڪي تاريخ ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿي جڏهن ڀارت فوج 1947ع ۾ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو هو : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام سان پاڪستان جي ٻڌيءَ جي اظهار جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اڄوڪي تاريخ ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿي جڏهن ڀارت فوج 1947ع ۾ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو هو. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 27 آڪٽوبر رڳو هڪ تاريخ نه پر ڪشميري عوام جي ڏهاڪن تي ٻڌل قربانين، جدوجهد، جرئت ۽ حوصلي جي علامت آهي. سندس چوڻ هو ته ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين والاريل ڪشمير جا ماڻهو ظلم جي ٻوجهه هيٺيان پيسجي رهيا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته ستن ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ باوجود ڪشميرين جو عزم، حوصلو ۽ جدوجهد اڄ به ناقابل شڪست آهي، والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي هڪ طرفي خاتمي کانپوءِ وادي ۾ چرپر ۽ ميڙاڪن تي پابنديون لڳايون ويون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌندي ڪشميري عوام جي حق خوداراديت يقيني بڻائي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشميري عوام جي حق خوداراديت کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪري. پ پ چيئرمين چيو ته هو قائد عوام ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن موجب ڪشميري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان ڏينهن تائين ڪشميرين جي حمايت جاري رکي ويندي جيستائين کين آزادي جو خواب پورو نٿو ٿئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون