اڄ تاريخي ڏينهن آهي، آئين ۾ 26 هين ترميم ڪئي وئي آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، آئين ۾ 26 هين ترميم ڪئي وئي آهي، هي قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جي شاندار مثال هڪ ڀيرو ٻيهر قائم ٿي آهي. سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي مان 26 هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ نئون سج اڀرندو، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ روشني ٿيندي. هن چيو ته محلاتي سازشن ذريعي حڪومتن کي گهر موڪليو ويندو هو وزيراعظم جي موڪل ڪرائي ويندي هئي، اڄ طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ سپريم آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اڄ اهڙي آئيني ترميم ڪئي وئي آهي جنهن پاڪستان جو مستقبل مضبوط ۽ محفوظ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو نواز شريف سان گڏ شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته بلاول ڀٽو ان ترميم لاءِ سچي دل سان ڪم ڪيو ۽ ڪوشش ڪئي، هو مولانا فضل الرحمان جو به شڪريو ادا ڪرڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڪاش پي ٽي آءِ به هن آ؟يني ترميم ۾ اچي ته ها ته سٺو هو، هائوس ۾ موجود ماڻهن ذاتي انا کي قربان ڪيو ۽ ان عظيم ڪارنامي کي انجام ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
32%
1.4m/s
64%
اربع
15 °
خميس
22 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون