- Advertisement -
ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، ايس ايم ايز لاءِ پاڪستان جي پهرين خاص ڪريڊٽ گارنٽي ڪمپني متعارف ڪرائي ڇڏي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جو مجموعي خانگي ڪريڊٽ 5 ڏهائي 2 سيڪڙو آهي، 15 لک کان وڌيڪ ايس ايم ايز 3 ڏهائي 7 ٽريلين رپين کان وڌيڪ ماليت جي پراڊڪٽس تيار ڪندا، اين سي جي سي ايل مالياتي ادارن سام گڏجي مارڪيٽ ۾ ڪريڊٽ جي دستيابي يقيني بڻائيندا، انقلابي قدمن جو مقصد ننڍي ڪاروبارن لاءِ سيڙپڪاري جو رستو صاف ڪرڻ آهي.
اسلام آباد ۾ اين سي جي سي ايل جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهي، اين سي جي سي ايل پروگرام جي شروعات سندس لاءِ فخر جوڳي آهي.
سندس چوڻ هو ته ايس ايم ايز لاءِ پاڪستان جي پهرين خاص ڪريڊٽ گارنٽي ڪمپني متعارف ڪرائي ڇڏي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جو مجموعي خانگي ڪريڊٽ 5 ڏهائي 2 سيڪڙو آهي.
ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته 15 لک کان وڌيڪ ايس ايم ايز 3 ڏهائي 7 ٽريلين رپين کان وڌيڪ ماليت جي پراڊڪٽس تيار ڪندا.
هن چيو ته اين سي جي سي ايل مالياتي ادارن سام گڏجي مارڪيٽ ۾ ڪريڊٽ جي دستيابي يقيني بڻائيندا، انقلابي قدمن جو مقصد ننڍي ڪاروبارن لاءِ سيڙپڪاري جو رستو صاف ڪرڻ آهي.
ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، اميد آهي ته جلد قسم ملي ويندي……….- Advertisement -
