عالمي مالياتي فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ فوري طور تي پاڪستان کي 700 ملين ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
عالمي مالياتي فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ فوري طور تي پاڪستان کي 700 ملين ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، هي 70 ڪروڙ ڊالر اڄ پاڪستان منتقل ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي ترجمان موجب، هن منظوري سان پاڪستان لاءِ مجموعي طور هڪ ارب 90 ڪروڙ ڊالرز جاري ٿي ويندا جڏهن ته 3 ارب ڊالرن جو قرض پروگرام اپريل ۾ مڪمل ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي مارڪيٽ جي بنياد تي مٽاسٽا جي شرح برقرار رکي پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا وڌائڻا آهن. آءِ ايم ايف جي ترجمان موجب، پاڪستان کي شيون ٻاهران گهرائڻ کي معمول تي آڻي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌائڻا پوندا، پاڪستان پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جي مارڪيٽ ۾ شفافيت ۽ اهليت کي مضبوط بڻائيندو. آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رپئي جي قيمت انتظامي قدمن ذريعي روڪي يا ڪنٽرول نه ڪئي ويندي، ناڻي واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ايندڙ بجيٽ ۾ شرطن تي قائم رهڻ جي لکت ۾ خاطري ڪرائي آهي. آءِ ايم ايف جي ترجمان موجب، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان کي توانائي جي قيمتن ۾ مسلسل ايڊجسٽمينٽ ڪرڻي پوندي، ايندڙ مهينن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، پر جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ ۾ واڌ سان پاڪستان پرڏيهي خطرن جو شڪار رهي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان کي مهانگائي گهٽائڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي جاري رکڻي پوندي، توانائي جي شعبي کي قابل عمل بڻائڻ لاءِ بنيادي سڌارا جاري رکڻا پوندا. آءِ ايم ايف جي ترجمان موجب، رياستي ملڪيتي ادارن کي گورننس بهتر ڪرڻي پوندي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ڪرپشن خلاف ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو، خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني معيشيت ۾ برداشت جي صلاحيت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. آءِ ايم ايف جي ترجمان موجب، روزاني جي شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ عالمي مالياتي حالتن جي سختي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مهانگائي جي سطح اڃا به بلند آهي، مناسب ۽ سخت پاليسي سان اها جون 2024ع جي آخر تائين 18 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
21.8 ° C
21.8 °
21.8 °
57%
3.8m/s
0%
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون