- Advertisement -
اڊيالا جيل ۾ 18 آڪٽوبر تائين تحريڪ انصاف باني سميت ٻين قيدين جي ملاقاتن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
جيل ذريعن موجب، سڪيورٽي سببن جي ڪري تحريڪ انصاف باني سان پارٽي اڳواڻن، وڪيلن ۽ گهرڀاتين جي ملاقات تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس جي سلسلي ۾ سڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقاتن تي پابندي جو فيصلو پنجاب حڪومت ڪيو آهي، اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي عام قيدين تي به لاڳو هوندي.- Advertisement -
