تازه ترين

اڳوڻو وزيراعظم ۽ ن ليگ جو قائد نوازشريف چئن ورهين کانپوءِ اڄ ڏيهه واپس وري رهيو آهي

- Advertisement -
اڳوڻو وزيراعظم ۽ ن ليگ جو قائد نوازشريف چئن ورهين کانپوءِ اڄ ڏيهه واپس وري رهيو آهي، سندس آجيان لاءِ سڄي ملڪ مان قافلا لاهور طرف روان دوان آهن. نوازشريف خاص جهاز ذريعي دبئي کان اسلام آباد پهچندو، جتي ٻه ڪلاڪ ترسڻ کانپوءِ لاهور لاءِ روانو ٿيندو. سول ايوي ايشن اٿارٽيءَ نوازشريف جي چارٽر جهاز جو فلائٽ شيڊيول به جاري ڪري ڇڏيو آهي. شيڊيول موجب نوازشريف جو جهاز صبح  9 لڳي 25 منٽن تي دبئي ايئرپورٽ کان پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو ۽ هو منجهند ساڍي ٻارهين وڳي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ لينڊ ڪندو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي 2 ڪلاڪ ترسڻ بعد نوازشريف ان کي جهاز ذريعي لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ روانو ٿيندو نوازشريف جي آمد تي  ملڪ جي مختلف شهرن کان قافلا لاهور طرف روان دوان آهن. ن ليگ جي قائد جي آمد تي ن ليگ طرفان مينار پاڪستان تي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
30 %
1.7kmh
1 %
اڱارو
22 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون